وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي هيٺ ڪميشن کي اهو اختيار هوندو ته هو ان ڳالهه جي جاچ به ڪري سگهي ته آڊيوز ڪير ٽيپ ڪندو آهي ۽ ڪير ليڪ ڪندو آهي.نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته حڪومت تي سول سوسائيٽي ۽ ٻين جو دٻاءُ هو ته آڊيو ليڪس جي انڪوائري ٿئي.هن وڌيڪ چيو ته سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ وڃڻ لاءِ حڪومت وٽ ڪو مواد هئڻ گهرجي، ڏوهه پرائيوسي جي اوٽ نٿو وٺي سگهي.ياد رهي ته آڊيو ليڪس واري معاملي تي وفاقي سرڪار جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ٽي رڪني جڊيشل ڪميشن جوڙي ڇڏي آهي.