آڊيو ليڪس ڪميشن ڪيس: انڪوائري ڪميشن به سپريم ڪورٽ جي بينچ تي اعتراض اٿاري ڇڏيا

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ قائم ڪيل 3 رڪني انڪوائري ڪميشن به آڊيو ليڪس ڪميشن جو ڪيس ٻڌندڙ سپريم ڪورٽ جي بينچ تي اعتراض واري ڇڏيا. انڪوائري ڪميشن جي سيڪريٽري سپريم ڪورٽ ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي.وفاق کان پوءِ آڊيو ليڪس انڪوائري ڪميشن به سپريم ڪورٽ جي بينچ تي اعتراض اٿاري ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل انڪوائري ڪميشن جي جواب ۾ چيو ويو آهي ته آئيني درخواستون ٻڌڻ جوڳيون نه آهن. انڪوائري ڪميشن 5 رڪني بينچ جي جوڙجڪ واري طريقيڪار تي به اعتراض ڪندي چيو آهي ته بينچ جي جوڙجڪ جو معاملو ججز ڪميٽي جي آڏو ناهي رکيو ويو. بهتر ٿيندو ته ججز ڪميٽي طرفان بينچ جي جوڙجڪ تائين 5 رڪني بينچ ٻڌڻي ملتوي ڪري.انڪوائري ڪميشن چيو آهي ته ڪميشن کي ٻڌڻ کان سواءِ ان جي ڪارروائي روڪي وڃي. مبينه آڊيو ليڪس جي ٻين ماڻهن سپريم ڪورٽ ۾ درخواست به داخل نه ڪئي نه ئي ڪميشن اعتراض اٿاريو ڪيشن آرٽيڪل 209 تي پنهنجو موقف پهرين اجلاس ۾ واضح ڪري ڇڏيو هو. واضح ڪيو ويو هو ته ڪميشن جي ڪارروائي کي سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي ڪارروائي نه سمجهيو وڃي.12 صفحن تي ٻڌل آڊيو ليڪ ڪميشن جو جواب سيڪريٽري ڪميشن جي صحيح سان جمع ڪرايو ويو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪميشن کي آڊيو ليڪ جي انڪوائري ۾ ڪابه ذاتي دلچسپي ناهي. ڪميشن کي اها ذميواري قانون تحت ڏني وئي آهي. آڊيو ليڪس ڪميشن آئين ۽ قانون موجب پنهنجي ذميواري پوري ڪندو.