لاهور: احتساب عدالت پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بزدار کي نيب جاچ ۾ تعاون ۽ شامل ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.لاهور جي احتساب عدالت ۾ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بزدار جي عبوري ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي جنهن دوران عثمان بزدار جي وڪيل ڪويئر جو رڪارڊ عدالت ۾ پيش ڪيو.عثان بزدار جي وڪيلن پنهنجي دليلن ۾ چيو ته نيب عثمان بزدار کان 4 سوال پڇيا جنهن جا جواب ڏئي ڇڏيا آهن. اڳوڻي وڏي وزير سوالن جا جواب ڪوريئر سروس ذريعي جمع ڪرايا جيڪي 4 سوال پڇيا ويا اهي ٻڌائي ڇڏيا آهن، جيڪي ملڪيتون پڇيون ويون انهن جو رڪارڊ به ڏئي ڇڏيو آهي.نيب جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته اسان 30 سوال ڏنا هنن صرف 4 سوالن جا جواب ڏنا. هنن وڌيڪ سوالن جي جوابن لاءِ 30 ڏينهن جو وقت گهريو آهي. نيب آفيسر جي جواب تي عثمان بزدار جي وڪيل چيو ته اسان هنن جي سمورن سوالن جا جواب عدالت جي سامهون ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، نيب 9 مئي تي طلب ڪيو آهي. ان ڏينهن ملتان بيچ آڏو پيش ٿيڻو آهي. اسان 10 مئي تي پيش ٿيڻ لاءِ تيار آهيون.عدالت چيو ته درخواست جو جلد فيصلو ڪرڻو آهي ان ڪري ٻئي ڌريون قانون موجب ڪم ڪن. جنهن کان پوءِ عدالت عثمان بزدار کي جاچ ۾ تعاون ڪندي 10 مئي تي نيب جاچ ۾ شامل ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي ۽ سندس ضمانت ۾ 13 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي نيب کان عثمان بزدار بابت مڪمل جاچ رپورٽ طلب ڪري ورتي.