روس مان تيل پاڪستان اچڻ تي پيٽروليم شين جون قيمتون گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان افواهن جو هڪ نه رڪجندڙ سلسلو جاري آهي. چيو پيو وڃي ته پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمت 100 روپيه گهٽ ٿي ويندي.اهڙين افواهن جي حوالي سان وفاقي وزير احسن اقبال پرڏيهي چينل کي انٽرويو دوران سوال جو جواب ڏيندي چيو ته پيٽرول جي قيمت 100 روپين تائين گهٽ ٿيڻ جو ايترو وڏو فرق نه پوندو پر پيٽرول جي قيمت گهٽ ضرور ٿيندي.هن چيو ته اڃان روسي تيل جي گهٽ مقدار پاڪستان پهچي رهي آهي. ڇهه مهينا يا سال کان پوءِ جڏهن روس مان وڌيڪ تيل پاڪستان ايندو ته ان سان پاڪستان ۾ پيٽرول جون قيمتون گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملندي.احسن اقبال کان سوال ڪيو ويو ته روس مان تيل اچڻ کان پوءِ پاڪستان ۾ پيٽرول جي قيمت 100 روپيه گهٽ ڪئي ويندي؟ جنهن تي احسن اقبال پيٽرول جي قيمت 100 روپيه گهٽ ڪرڻ جي ترديد ڪري ڇڏي.