ارشد شريف جي والده پي ٽي آءِ چيئرمين کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي

سينئر صحافي ارشد شريف جي والده پي ٽي آءِ چيئرمين کي ارشد شريف قتل ڪيس ۾ جاچ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. ايڊووڪيٽ شوڪت عزيز صديقي ذريعي داخل ڪيل درخواست ۾ ارشد شريف جي والده موقف اختيار ڪيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين، فيصل واوڊا، سلمان اقبال، مراد سعيد ۽ عمران رياض کي به جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي.درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته ارشد شريف جي قتل بابت اهڙن سمورن ماڻهن کان شاهديون حاصل ڪيون وڃن. ارشد شريف جي والده گڏيل درخواست ۾ وڌيڪ چيو ته ڪيس جي حساسيت ۽ اهميت کي نظر ۾ رکندي سپريم ڪورٽ جي قدمن جي تعريف ڪريان ٿي.ارشد شريف جي والده چيو ته قتل جي جاچ پاڪستان ۾ ٿيندڙ سازش کان شروع ڪئي وڃي. ڪيترن ئي ماڻهن ارشد شريف جي قتل جي سازش جي باري ۾ خبر هجڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. هن چيو آهي ته فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ۽ نه ئي جي آءِ ٽي جي رپورٽ ڏني وئي آهي.سپريم ڪورٽ کان استدعا آهي ته جي آءِ ٽي سربراهه کي 5 ماڻهن کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏئي. ان سان گڏ ئي عدالت جي آءِ ٽي کي به رپورٽون ڏيڻ جو به حڪم ڏئي.