ارلنگ هالينڊ جي گولن تي ناروے ۾ زبردست جشن، زلزلي ماپيندڙ اوزارن ارتعاش رڪارڊ ڪري ورتا

فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي ڪواليفائنگ ميچ ۾ ناروے جي اسٽار فٽبالر Erling Haaland جي ٻن شاندار گولن تي مداحن جي زبردست جشن زلزلي ماپيندڙ اوزارن کي به متحرڪ ڪري ڇڏيو.ناروے عراق خلاف ميچ 1-4 تان کٽي ورتي، جنهن ۾ هالينڊ پهرين هاف دوران ٻه گول اسڪور ڪيا. 29هين منٽ ۾ ٿيل پهريون گول 1998ع کانپوءِ ورلڊ ڪپ ۾ ناروے جو پهريون گول پڻ هو، جنهن تي اسٽيڊيم ۾ موجود مداحن ڀرپور خوشي جو اظهار ڪيو.پرڏيهي ميڊيا موجب ناروے جي زلزلي بابت اداري “نارسر” ٻڌايو ته ساحلي شهر Bergen ۾ لڳل حساس اوزارن ميچ دوران زميني ارتعاشات رڪارڊ ڪيون، خاص طور تي انهن لمحن ۾ جڏهن هالينڊ پنهنجا ٻئي گول ڪيا.ماهرن موجب جڏهن هزارين ماڻهو هڪ ئي وقت ٽپو ڏين ٿا، نعرا هڻن ٿا ۽ جشن ملهائين ٿا ته انهن جي گڏيل حرڪتن سبب زمين ۾ هلڪا ارتعاش پيدا ٿين ٿا، جيڪي جديد سيزموميٽر آساني سان رڪارڊ ڪري سگهن ٿا.اداري واضح ڪيو ته عراق خلاف ميچ دوران ڪو حقيقي زلزلو نه آيو هو، پر مداحن جي غيرمعمولي جوش ۽ جشن سبب زلزلي ماپيندڙ اوزارن تي واضح اثر ضرور ڏٺو ويو۔