تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته پي ٽي آءِ جا 2 سينيٽرز حڪومت کي پيارا ٿي ويا آهن، شايد ٻئي آئيني ترميم جي حق ۾ ووٽ وجهندا.بيرسٽر گوهر سينيٽر فيصل سليم ۽ زرقا تيمور شاهد جي حڪومت کي پياري ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته اسان انهي جي مذمت ڪريون ٿا، ماڻهن کي جيڪڏهن ائين کڻڻو آهي ته انهي کي جمهوريت نه چيو ويندو آهي.هن چيو ته پي ٽي آءِ باني سان ڳالهيون اڌوريون رهيون، آئيني ترميم تي مشاورت جاري هئي ته پوليس چئي ڇڏيو ته ملاقات جو وقت ختم ٿي ويو آهي. پي ٽي آءِ باني جي چٽين هدايتن تائين آئيني ترميم تي ووٽ نه ڏينداسين.بيرسٽر گوهر وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ باني سان شروعاتي ڳالهيون سندس صحت ۽ جيل جي حالتن تي ٿيون، پي ٽي آءِ باني جو پيغام آهي ته 100 سال به جيل ۾ گذارڻا پيا ته گذاريندس.