اسان کي انسان ئي نٿو سمجهو وڃي: سکر۾ تشدد جو شڪارکدڙي فقير جي ٿاڻي ۽ اسپتال ۾ تذليل

سکر: ۾ کدڙي فقير تي مبينا تشدد ڪيو ويو، زخمي خواجا سرا ثناءَ جي شڪايت تي پوليس اساما نالي نوجوان کي گرفتار ڪيو، ڪجهه ڪلاڪن بعد ان کي آزاد ڪيو ويو کدڙي فقير ثناءَ ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته اساما پنهنجي ٻن ساٿين سميت گهر ۾ گهڙي تشدد جو نشانو بڻايو، زخمي حالت ۾ ٿاڻي ۽ پوءِ اسپتال پهتس جتي عملي جو رويو تڪليف ڏيندڙ هو پوليس نه ڪيس داخل ڪيو ۽ نه ئي وري اسامه جي ٻن دوستن کي گرفتار ڪيو آهي، پوليس توڙي اسپتال عملي طرح طرح جا سوال ڪيا، اسان کي انسان ئي نٿو سمجهيو وڃي کدڙي فقير جو چوڻ هو ته جوابدار ٺاهه لاءِ زور ڀري رهيا آهن، ٺاهه نه ڪرڻ تي سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون پيون ملن، زخمي خواجا سرا ۽ اساما پاڻ ۾ دوست آهن، ٻنهي ۾ صلح ٿيڻ تي نوجوان کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي پوليس موجب خواجا سرا ۽ اساما جي مبينا شادي واري وڊيو به وائرل ٿي هئي جنهن بعد ٻنهي ترديد به ڪئي هئي، معاملي جي جاچ ڪيون پيا