نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چين جي پرڏيهي وزير وانگ يي سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو جنهن دوران پاڪ ڀارت ڇڪتان ۽ خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب اسحاق ڊار سي پي سي جي مرڪزي ڪميٽي جي سياسي بيورو جي ميمبر وانگ يي کي علاقائي صورتحال تي بريفنگ ڏني، اسحاق ڊار ڀارت جي هڪ طرفي قدمن سان بي بنياد پروپيگنڊا کي ٻن لفظن ۾ رد ڪري ڇڏيو. پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته چين جي نائب وزيراعظم پاڪ چين دوستي ۽ ڀائيواري جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط ارادن جو اظهار ڪيو. بيان موجب نائب وزيراعظم سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي ارادن تي زور ڏنو. ٻنهي طرفن کان علاقائي امن، استحڪام کي برقرار رکڻ جي ارادن جو اظهار ڪيو ڌرين گڏيل احترام ۽ فهام تفهيم کي هٿي ڏيڻ ۽ انتهاپسند پاليسين جي گڏيل طور تي مخالفت ڪئي. ڌرين امن۽ پائيدار ترقي جي گڏيل مقصدن کي اڳيان وڌائڻ جي لاءِ رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.