ڊپٽي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ موجوده سياسي صورتحال ۽ گڏيل آئيني ترميم بابت معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار قانون واري وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ سان گڏ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان پارليامينٽ هائوس ۾ سندس چيمبر ۾ ملاقات ڪئي.ذريعن موجب اعظم نذير تارڙ ۽ اسحاق اسپيڪر جي چيمبر ۾ مشاورت کان پوءِ بلاول ڀٽو وٽ پهتا، ملاقات ۾ خورشيد شاهه ۽ نويد قمر به موجود هئا.ذريعن ٻڌايو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري مولانا فضل الرحمان سان گذريل رات ٿيندڙ ملاقات تي اتحادي اڳواڻن کي اعتماد ۾ ورتو. ذريعن چيو آهي ته اسحاق ڊار ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي آئيني ترميم جي مسودي تي اتفاق راءِ ۽ قومي اسيمبلي، سينيٽ ۾ اڪثريت تي مشاورت جاري آهي.ٻئي طرف ذريعن اهو به ٻڌايو آهي ته حڪومتي وفد آئيني ترميم جو مسودو وٺي ڪجهه دير ۾ مولانا فضل الرحمان وٽ ويندو جنهن کان پوءِ وڌيڪ معاملا طئي ڪيا ويندا.حڪومتي ذريعن موجب مولانا فضل الرحمان ڏوراپو ڏنو هو ته ترميم جو مسودو اڃان تائين مون کي نه ڏنو ويو آهي، مولانا راضپو ظاهر ڪيو آهي پر هو ترميم جو مسودو ڏسڻ چاهي ٿو.ذريعن موجب اسحاق ڊار، اعظم نذير تارڙ ۽ محسن نقوي سميت ٻيا ميمبر ڪجهه دير ۾ مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪندا ۽ انهي کي آئيني ترميم تي اعتماد ۾ وٺندا.