اسد عمر سيڪريٽري جنرل ۽ ڪورڪميٽي جي عهدن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر پارٽي جي سيڪريٽري جنرل جي عهدي ۽ ڪور ڪميٽي جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پاڪستان تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري اسد عمر 9 مئي واقعن جي مذمت ڪيو آهي ته فوجي هنڌن تي حملا ڏکوئيندڙ آهن، ملوث خلاف ضروري ڪاروائي ٿيڻ گهرجي.اسد عمر پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته 9 مئي ڏهاڙي تي ڪيترائي ماڻهو زندگيون وڃائي ويٺا، سرڪاري ۽ خانگي جايون تباهه ٿيون، سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ ڳالهه اها هئي ته اهڙيون جايون جن جو تعلق فوج سان هو انهن تي حملا ڪيا ويا.هن چيو ته فوج جي پاڪستان اندر ڪهڙي اهميت آهي ان جو وڌيڪ تجزيو عمران خان ڪري چڪو آهي، خان صاحب چئي چڪو آهي ته پاڪستان ۾ جيڪڏهن ڊسيپلين ۽ طاقتور فوج نه هجي ها ته شايد اسان وٽ به شام جهڙيون حالتون هجن ها.پي ٽي آءِ اڳواڻ جو چوڻ هو ته عمران خان چيو هو ته مونکان وڌيڪ ملڪ کي فوج جي ضرورت آهي. ان ڳالهه مان فوج جي اهميت جي خبر پوي ٿي، 9 مئي ڏهاڙي تي جيڪي منظر ڏسڻ ۾ مليا اهي نه رڳو مذمت جوڳا آهن پر ڏکائيندڙ آهن. انهن سان ٻاهرين ملڪن ڏانهن ناڪاري ۽ خطرناڪ پيغام ويو.اسد عمر جو چوڻ هو ته ان معاملي جي شفاف جاچ ۽ ذميوارن خلاف ڀرپور نموني ڪاروائي ٿيڻ گهرجي، ان سان گڏ بيگناهه هزارين ماڻهن گرفتار ڪارڪنن کي جلد کان جلد آزاد ڪرڻ گهرجي.صحافين سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ جي جنرل سيڪريٽري چيو ته شفاف جاچ ۽ ملوثن کي سزا ملڻ ضروري آهي. فوج رڳو هڪ ٻن وڏي جنرلن جو نالو ناهي، فوج ۾ لکين ماڻهو آهن جيڪي توهان ۽ اسان جي حفاظت لاءِ زندگيون داءَ تي لڳائيندا اچن ٿا.هن چيو ته منهنجو ٽن نسلن کان فوج سان واسطو آهي جيڪو منهنجي لاءِ فخر جوڳي ڳالهه آهي. هن وقت ڏکوئيندڙ صورتحال اها آهي ته اعليٰ عدليه ورهايل آهي، سڄو پاڪستان ڏسي ٿو، عدليه جا پاڻ ۾ اختلاف آهن فيصلن تي عمل نٿو ٿئي، اهو انتهائي خطرناڪ ۽ ملڪ لاءِ نقصان ڪار آهي.اسد عمر چيو ته منهنجي حساب سان پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي سياسي پارٽي پي ٽي آءِ آهي، ان جي حالت اها آهي ته هزارين ڪارڪن ۽ وڏي قيادت جيل ۾ آهي. اهڙي صورتحال ۾ مان ڪابه وڏي ذميواري سنڀالي نٿو سگهان.پي ٽي آءِ اڳواڻ اهو واضح ڪيو ته مان پارٽي جي جنرل سيڪريٽري جي عهدي ۽ ڪور ڪميٽي جي ميمبرشت تان استعيفيٰ ڏيان ٿو، جڏهن ته پارٽي ناهيان ڇڏي رهيو.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پي ڊي ايم جي سياست جو گذريل 13 مهينن ۾ ٻيڙو ٻڏي ويو آهي. انهن مهينن ۾ عوام سان جيڪو ٿيو آهي اهو توهان اڳيان آهي، بدترين مهانگائي ۽ خوفناڪ حد تائين بيروزگاري وڌي آهي. عام پاڪستاني هن وقت انتهائي تڪليف ۾ آهن.