اسرائيلي اخبار پي ٽي آءِ باني عمران خان کي پاڪ اسرائيل لاڳاپا قائم ڪرڻ جي لاءِ بهترين شخص قرار ڏئي ڇڏيو آهي.اسرائيلي اخبار ۾ شايع ٿيل مضمون موجب گولڊ اسمٿ فيملي جي ذريعي پي ٽي آءِ باني اسرائيل ڏانهن پيغام اماڻيا. عمران خان پاڪ اسرائيل لاڳاپا معمول تي آڻي سگهي ٿو. پاڪستان معاشري ۾ پي ٽي آءِ باني لاءِ اهو چيلينج هوندو پر اهو هن چيلينج کي پورو ڪري وٺندو.مضمون ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي گولڊ اسمٿ فيملي سان مائٽي، دوستي ۽ انهن جي حمايت هڪ حقيقت آهي. مضمون ۾ وڌيڪ لکيو ويو آهي ته پاڪستان ڊگهي وقت کان فلسطينين جي آزادي واري تحريڪ جو ٻين اسلامي ملڪن جي مقابلي ۾ مضبوط ترين حامي رهيو آهي. جنهن جون جڙون پاڪستاني معاشري جي آئين ۾ لکيل آهن. پاڪستان هميشه گڏيل قومن سميت ٻين عالمي فورمن تي فلسطين جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت ڪئي آهي.ٽائمز آف اسرائيل ۾ لکيل مضمون موجب عمران خان عوامي سطح تي ڪيترائي ڀيرا فلسطين جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو ۽ اسرائيلي حملن جي سخت لفظن م مذمت ڪندي صيهوني رياست جا پاڪستان سان لاڳاپا معمول تي آڻڻ جي نظريئي جي مخالفت ڪئي ۽ چيو ته جيستائين فلسطين جو معاملو حل نٿو ٿئي انهي وقت تائين پاڪستان ۽ اسرائيل جا لاڳاپا بحال نٿا ٿي سگهن.اسرائيلي اخبار ۾ ڇپيل مضمون موجب پي ٽي آءِ باني جي گولڊ اسمٿ فيملي سان مائٽي، خاص طور تي جمائمه گولڊ اسمٿ سان لاڳاپا هڪ حقيقت آهي. پي ٽي آءِ باني اسرائيل ۽ پاڪستان جي لاڳاپن جي موجوده نوعيت کي تبديل ڪري سگهي ٿو. اسرائيلي اخبار عمران خان کي اسرائيل ۽ پاڪستان جي وچ ۾ لاڳاپن لاءِ بهترين شخص قرار ڏيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي اقتدار جي مدي دوران پرڏيهي لاڳاپن ۾ عملي نقطه نظر تي عمل ڪيو ويو. مضمون ۾ وڌي لکيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني کي پاڪستان جي سياست ۾ حصو وٺڻ جي آزادي حاصل آهي.