اسرائيل جا غزه تي وحشياڻا حملا جاري آهن جنهن جي نتيجي ۾ 7 ٻارن سميت وڌيڪ 30 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن. تنظيم سيو دي چلڊرين موجب اسرائيلي بمباري سبب هڪ هفتي دوران 270 ٻار شهيد ٿي ويا جڏهن ته تازن حملن ۾ 7 ٻارن سميت وڌيڪ 30 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا. اسرائيلي فوج فلسطينين کي جباليه جو علائقو خالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو جنهن کان پوءِ هزارين تباهه حال فلسطيني ٻيهر بي گهر ٿي ويا آهن. هوڏانهن حماس عالمي برادري کان اسرائيلي جارحيت کي روڪرائڻ ۽ سڄي دنيا ۾ احتجاجي مظاهرن جو مطالبو ڪيو آهي. ٻئي طرف اسرائيلي پارليامينٽ جي اندر ۽ ٻاهر نيتن ياهو حڪومت جي خلاف احتجاج ڪيو ويو انهي سان گڏ ئي يرغمالين کي آزاد ڪرڻ جو مطالبو به ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته غزه ۾ 7 آڪٽوبر 2023 کان جاري اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 50 هزار کان وڌي ويو آهي.