اسرائيل پنهنجي هٺ ڌرمي جاري رکندي عالمي عدالت انصاف جي حڪم باوجود اقوام متحده جي امدادي اداري انروا کي غزه ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي۔ غير ملڪي ذريعن موجب اسرائيلي اختيارين آمريڪا کي آگاهه ڪيو آهي ته انروا کي غزه ۾ قدم رکڻ نه ڏنو ويندو۔ گذريل ڏينهن عالمي عدالت انصاف پنهنجي فيصلي ۾ چيو هو ته اسرائيل اهو ثابت ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آهي ته انروا جا گهڻا ميمبر حماس سان لاڳاپيل آهن، تنهن ڪري اسرائيل کي گهرجي ته هو اقوام متحده ۽ انروا جي امدادي ڪوششن کي غزه ۾ ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏئي۔ ٻي پاسي سعودي عرب، قطر ۽ اردن طرفان مقبوضه مغربي ڪناري کي اسرائيل ۾ شامل ڪرڻ واري غير قانوني فيصلي تي سخت ردعمل ڏنو ويو آهي۔ اسرائيلي پارليامينٽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي مخالفت باوجود مغربي ڪناري کي اسرائيل ۾ ضم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تي سعودي عرب، قطر ۽ اردن سخت مذمت جو اظهار ڪيو آهي۔ سعودي عرب چيو آهي ته هو اسرائيلي آبادڪاري ۽ توسيع پسندانه ارادن کي مڪمل طور رد ڪري ٿو، جڏهن ته قطر چيو آهي ته اهو قدم فلسطينين جي حقن کي سلب ڪرڻ جي ڪوشش آهي ۽ اسان ٻن رياستن واري حل جي حمايت جاري رکنداسين، اقوام متحده کي گهرجي ته اسرائيل کي پنهنجي توسيع پسندانه منصوبي کان روڪي۔