اسرائيل خان يونس تي وڏي حملي جي تياري، فلسطينين کي علائقو ڇڏڻ جو حڪم

 اسرائيل خان يونس تي هڪ وڏي حملي جي تياري ڪئي ۽ فلسطينين کي علائقو ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. رات کان جاري حملن ۾ 150 کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن. ڪينيڊا، فرانس ۽ برطانيه نئين آپريشن ۽ وحشي حملن تي اسرائيل خلاف ٺوس قدم ۽ پابنديون لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. 22 ملڪن اسرائيل کان غزه ۾ امداد جي راهه ۾ رڪاوٽون ختم ڪرڻ ۽ فوجي ڪارروائي بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.