اسرائيل ۾ يرغمالين جي آزادي ۽ غزه جنگبندي جي لاءِ وزيراعظم نيتن ياهو جي حڪومت خلاف وڏو مظاهرو ڪيو ويو آهي.پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيل جي گادي واري شهر تل ابيب ۾ هزارين ماڻهن جي انگ نيتن ياهو حڪومت جي خلاف ريلي ڪڍي. حڪومت مخالف ريلي ۾ مظاهرين غزه مان يرغمالين جي آزادي جو مطالبو ڪيو جڏهن ته ان دوران مظاهرين هٿن ۾ پلي ڪارڊ به کڻي رکيا هئا ۽ مظاهرين حڪومت جي خلاف نعريبازي به ڪئي.ميڊيا رپورٽن موجب پوليس مظاهرين کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ان دوران پوليس ۽ مظاهرين ۾ چڪريون به ڏسڻ ۾ آيون جنهن جي نتيجي ۾ 15 مظاهرين کي پوليس گرفتار ڪري ورتو.ياد رهي ته 7 آڪٽوبر تي حماس اسرائيلي شهرين کي يرغمال بنايو هو جنهن کان پوءِ اسرائيل فلسطينين تي حملا جاري رکيا آهن. ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اسرائيلي حملن ۾ جتي مظلوم فلسطيني شهيد ٿي رهيا آهن اتي ئي يرغمالي، اسرائيلي يرغمالي به پنهنجي فورسز جي حملن ۾ مارجي رهيا آهن. ميڊيا رپورٽن موجب يرغمالين جي آزادي لاءِ گادي واي شهر تل ابيب ۾ ڪيترائي مظاهرا رڪارڊ ڪيا ويا آهن.