اسلام آباد، راولپنڊي جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن سان برسات، موسم خوشگوار ٿي ويو

وفاقي راڄڌاني اسلام آباد، راولپنڊي ۽ خيبرپختونخواهه جي مختلف علائقن ۾ تيز برسات ۽ ڳڙو پوڻ سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو آهي. رپورٽ موجب اسلام آباد جي مختلف علائقن ۾ تيز برسات سان ڳڙو به پيو، ڳڙي پوڻ سبب راڄڌاڻي واري شهر جا روڊ اڇا ٿي ويا، جاڙن شهرن ۾ طوفاني هوائن سان برسات پئي، طوفاني هوائون هلڻ سبب قائداعظم يونيورسٽي ۾ ڪينٽين جي عارضي ڇت ڪري پئي. ڪينٽين جي عارضي ڇت ٽين جي چادرن سان ٺاهي وئي هئي، ٽين جي عارضي ڇت ڪرڻ سبب ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو. موسميات کاتي ٻڌايو ته اسلام آباد، راولپنڊي، اٽڪ، مري، گليات، ڪشمير ۾ وڌيڪ برسات پئجي سگهي ٿي.  شهرين کي گذارش آهي ته اهي احتياطي تدبيرون اختيار ڪن. رپورٽ موجب اسلام آباد ۽ ڀرپاسي ۾ گرمي جو زور ٽٽي ويو آهي ٿڌيون هوائون هلي رهيون آهي. انهي کان علاوه سوات جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ ڳڙو پيو. سوات جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ ڳڙو پوڻ سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو جنهن سبب موسم خوشگوار ٿي ويو آهي. برسات سبب بجلي جي بندش ۽ سخت گرمي سبب پريشان عوام جي چهرن تي خوشي جي لهر ڊوڙي وئي. هوڏانهن برسات سبب سوات درياءَ ۽ مقامي ندي نالن ۾ پاڻي جي چاڙهه ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. پر ڳڙي پوڻ سبب آڙو جي باغن کي سخت نقصان پهچڻ جو امڪان آهي جنهن سبب مقامي هاري ڳڻتي ۾ مبتلا آهن. انهي کان علاوه رستم ۽ ڀرپاسي ۾ به ٿڌين هوائن سان برسات سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو.