وفاقي راڄڌاني اسلام آباد، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن جنهن سبب شهرين ۾ خوف حراس پکڙجي ويو، ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 5.9 رڪارڊ ڪئي وئي. رپورٽ موجب اسلام آباد سميت پنجاب ۾ راولپنڊي، مري، پنڊ دادن خان، لاهور ۽ ڀرپاسي ۾ زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا. هوڏانهن خيبرپختونخواهه ۾ ايبٽ آباد، مانسهره، پشاور، نوشهره، لوئر دير، مالاڪنڊ ۽ ڀرپاسي ۾ به زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا انهي سان گڏ آزاد ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ به زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا آهن. زلزلي جي جهٽڪن سبب شهرين ۾ خوف حراس پکڙجي ويو، رهواسي ڪلمه طيبه جو ورد ڪندي گهرن ۽ آفيسن مان ٻاهر نڪري آيا. هوڏانهن لوئر دير ۾ ميدان خان آباد گورنمنٽ پرائمري اسڪول جي عمارت به سخت متاثر ٿي وئي، زلزلي جي جهٽڪن سبب اسڪول جي عمار ۾ ڏار پئجي ويا، ڪنهن به وقت انهي جي ڪرڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي. زلزلو ماپ ڪندڙ مرڪز موجب پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، زلزلي جي جهٽڪن جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي .5.9 رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته زلزلي جي زمين اندر گهرائي 94 ڪلو ميٽر ۽ انهي جو مرڪز افغانستان ۽ تاجڪستان جو بارڊر هو.