اسلام آباد: آءِ نائن ٿاڻي جي حدن ۾ واقع رمشا ڪالوني ۾ هڪ گهر مان هڪ ئي خاندان جا 3 ڄڻن جا لاش هٿ آيا، جنهن سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو آهي۔ پوليس موجب گهر مان ملندڙ لاشن ۾ پيءُ، پٽ ۽ ڌيءَ شامل آهن، جن جي سڃاڻپ اڪرام پال (والد)، شبير (پٽ) ۽ نيها (ڌيءَ) جي نالن سان ٿي آهي۔ ٽنهي مقتولن جو تعلق ڪرسچن ڪميونٽي سان ٻڌايو پيو وڃي۔ ابتدائي جاچ ۾ ظاهر ٿيو آهي ته ٽنهي ڄڻن جا لاش لڳ ڀڳ هڪ هفتو پراڻا آهن۔ پوليس ٽنهي لاشن کي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي۔ پوليس جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد ئي موت جو حتمي سبب معلوم ٿي سگهندو، في الحال اهو طئي نٿو ٿي سگهي ته فوتگيون زهر کائڻ سان ٿيون يا ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري۔ فارنزڪ ٽيم واقعي واري هنڌ مان شاهديون گڏ ڪري رهي آهي، جڏهن ته پوليس جاچ کي مختلف رخن ۾ اڳتي وڌائي رهي آهي۔