اسلام آباد سميت مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا، شدت 5.2 رڪارڊ

وفاقي راڄڌاني اسلام آباد سميت مختلف شهرن ۾ اڄ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جن جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 5.2 رڪارڊ ڪئي وئي آهي.زلزلي جو مرڪز ۽ گهرائي زلزلي جو مرڪز افغانستان ۾ هو، جڏهن ته ان جي گهرائي 20 ڪلوميٽر هئي. زلزلي سبب ماڻهن ۾ خوف ڇانئجي ويو ۽ ڪيترائي گهرن مان ٻاهر نڪري آيا. گذريل ڏينهن به زلزلو ٿيو هو ياد رهي ته گذريل ڏينهن به اسلام آباد، راولپنڊي، پشاور، ايبٽ آباد، سوات، مالاڪنڊ، هنگو، مانسهره ۽ ٻين علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا هئا، جن جي شدت 5.9 رڪارڊ ڪئي وئي هئي.