اسلام آباد :سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا، شهرين ۾ خوف حراس پکڙجي ويو

وفاقي راڄڌاني اسلام آباد سميت خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.زلزلي مرڪز موجب وفاقي راڄڌاني اسلام آباد، خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جنهن کان پوءِ شهري خوفزده ٿي گهرن کان ٻاهر نڪري آيا.نيشنل سيسمڪ مانيٽرنگ سينٽر موجب زلزلي جو مرڪز افغانستان ۽ تاجڪستان جو سرحدي علائقو هو. زلزلي جي شدت 6 رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته ان جي اونهائي 223 ڪلو ميٽر هئي.اسلام آباد، راولپنڊي، پشاور، بونير، مالاڪنڊ، چترال، سوات، مردان، مري، شاهه ڪوٽ، شڪر ڳڙهه، ظفرو وال، گلگت، مظفر آباد، ميرپور، آزاد ڪشمير، ايبٽ آباد سميت ٻين علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.ٽيڪسلا، واهه ڪينٽ، فتح جنگ، اٽڪ ۽ چنيوٽ سميت ڀرپاسي جي ٻين علائقن ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا. جنهن سبب شهرين ۾ خوف حراس پکڙجي ويو.