اسلام آباد: فوڊ اٿارٽي جو ترنول ۾ ڇاپو، 25 مڻ گڏهن جو گوشت هٿ

 فوڊ اٿارٽي ترنول ۾ ڇاپو هڻي 25 مڻ گڏهن جو  گوشت هٿ ڪري ورتو آهي. فوڊ اٿارٽي جي ترجمان موجب ترنول ۾ 50 کان وڌيڪ گڏهه ۽ وڏي مقدار ۾ گوشت هٿ آيو آهي، شروعاتي جاچ موجب گوشت پرڏيهي ملڪن ۾ سپلاءِ ڪيو ويندو هو. ترجمان ٻڌايو ته ڊائريڪٽر فوڊ اٿارٽي طرفان ملوث ماڻهن جي خلاف فوري طور تي ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، اٿارٽي ٽيم طرفان گڏهن جو گوشت تلف ڪيو پيو وڃي. ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر طاهره صديق جو چوڻ هو ته فوڊ اٿارٽي جي ٽيم طرفان ٽوٽل 25 مڻ گوشت هٿ ڪيو ويو آهي، موقعي تي موجود هڪ پرڏيهي شهري کي پوليس جي حوالي ڪيو ويو. هن چيو ته گوشت ڪهڙن ڪهڙن  علائقن ۾ سپلاءِ ڪيو ويندو هو انهي جي جاچ جاري آهي.