اسلام آباد جي مارڪيٽن ۾ شهرين کي کنڊ نه پئي ملي جنهن سبب شهري کنڊ جي ڳولا لاءِ بازارن جا چڪر لڳائڻ تي مجبور بڻيل آهن اسلام آباد ۾ دڪاندارن جو چوڻ آهي ته کنڊ جو سرڪاري ريٽ 172 روپيه في ڪلو آهي، منڊي مان کنڊ 178 کان 188 روپيه ملي رهي آهي، پرائس ميجسٽريٽ جي گرفتارين کان تنگ اچي هاڻ کنڊ نه رکنداسين وفاقي راڄڌاني جي مارڪيٽ ۾ کنڊ نه هجڻ سبب ماڻهن کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، عوام جو چوڻ آهي ته جيڪو ملڪ کنڊ جي پيداوار ۾ خودمختيار هجي اتي کنڊ نه ملي ته پوءِ ٻين شين جي باري ۾ ڇا چئون؟ کنڊ ڊيلرز جو چوڻ آهي ته شوگرملز حڪومت کان 165 روپيه ايڪس مل پرائس جو معاهدو ڪري کنڊ جي فراهمي روڪي ڇڏي آهي. کنڊ جو اسٽاڪ به هاڻ ختم ٿيڻ لڳو آهي. جڏهن ته شوگرملز انهي الزام جي ترديد ڪري ڇڏي آهي انهي کان علاوه مارڪيٽ مان کنڊ غائب ٿيڻ ۽ کنڊ ايڪسپورٽرز، ڊيلرز جي خلاف جاچ شروع ڪرڻ کان پوءِ حڪومت کنڊ جو نئون بحران ٽارڻ جي لاءِ شوگر ملز ايسوسيئيشن جي نمائندن جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو آهي وفاقي وزير رانا تنوير جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ جائزو ورتو ويندو ته عوام کي سستي کنڊ فراهم ڪرڻ جي معاهدي تي عملدرآمد ڪيئن ڪرايو وڃي حڪومت ۽ شوگرملز معاهدي جي تحت پهرين آگسٽ کان ايڪس مل پرائس 165 کان 167 ٿي ويندي جڏهن ته حڪومت انهي دوران انهن کنڊ ڊيلرز جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ شروع ڪري ڇڏيا جن گذريل ڊسمبر ۾ کنڊ ايڪسپورٽ ڪئي هئي.