اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، چيئرمين پي ٽي اي کي هٽائڻ وارو فيصلو معطل

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيئرمين پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) کي عهدي تان هٽائڻ جو جسٽس بابر ستار جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو آهي۔ تفصيل موجب جسٽس محمد آصف ۽ جسٽس انعام امين منهاس تي ٻڌل 2 رڪني بينچ چيئرمين پي ٽي اي ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان جي انٽرا ڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي ڪئي۔ ان موقعي تي چيئرمين پي ٽي اي جا وڪيل قاسم ودود ۽ سلمان منصور عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته وفاق جي نمائندي طور ايڊيشنل اٽارني جنرل به پيش ٿيو۔ پي ٽي اي جي وڪيل سلمان منصور موقف اختيار ڪيو ته درخواست ۾ جيڪا استدعا ئي نه ڪئي وئي، عدالت ان بابت رليف ڏئي ڇڏيو۔ چيئرمين کي هٽائڻ کان اڳ نه رولز کي چيلينج ڪيو ويو ۽ نه ئي اٽارني جنرل کي نوٽيس اماڻيو ويو، جيڪو ضروري هو۔ سلمان منصور جو چوڻ هو ته اڃا درخواست جي ٻڌڻ جوڳي هجڻ بابت اعتراضن تي دليل ٿيڻا هئا، پر جڏهن وڪيل موڪل تي هئا ته عدالت ٻڌڻي مڪمل ظاهر ڪري فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو۔ عدالت ۾ جسٽس محمد آصف وڪيل کان استفسار ڪيو ته اوهان کي ڪافي موقعو ڏنو ويو هو۔ بعد ۾ ٻنهي ڌرين جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ عدالت چيئرمين پي ٽي اي کي هٽائڻ جو جسٽس بابر ستار جو فيصلو معطل ڪندي ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان کي عهدي تي بحال ڪري ڇڏيو۔