اسلام آباد :هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد خلاف داخل ڪيسن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق محمود جهانگيري اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.درخواستگذار طرفان سردار عبدالرزاق ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيا ۽ دليل ڏيندي چيو ته شيخ رشيد جي گهر تي ڇاپي دوران ملازمن تي تشدد ڪيو ويو. پوليس شيخ رشيد جي گهر ۾ بيٺل 2 گاڏيون به پاڻ سان گڏ کڻي وئي آهي.شيخ رشيد جي درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته منهنجي خلاف داخل ڪيسن جا تفصيل ڏيڻ جو حڪم ڏنو وڃي. حفاظتي ضمانت منظور ڪئي وڃي ۽ گهر تي ڇاپي ۾ ملوث پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا وڃن.عدالت شيخ رشيد جي وڪيل جي دليلن کان پوءِ آءِ جي اسلام آباد ۽ ڪوهسار ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيسن ۽ پوليس ڇاپن جا تفصيل طلب ڪري ورتا. عدالت آءِ جي اسلام آباد ۽ ايس ايڇ او ڪوهسار ٿاڻي کي نوٽيس جاري ڪندي 27 جون تائين جواب طلب ڪري ورتو.