اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبر شير افضل مروت کي ڪنهن به ڪيس ۾ بنا اجازت گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شمن رفعت امتياز شير افضل مروت جي درخواست تي لکت حڪم جاري ڪري ڇڏيو شير افضل مروت پنهنجن وڪيلن عادل عزيز قاضي ۽ رياست علي آزاد ذريعي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي هئي.عدالت شير افضل مروت جي درخواست تي گهرو سيڪريٽري، آءِ جي اسلام آباد، آءِ جي پنجاب ۽ ايف آءِ اي کي نوٽيس جاري ڪندي ڌرين جي درخواست تي پيراوائز ڪمنٽس جمع ڪرائڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ درخواستگذار جي خلاف داخل ڪيسن جا تفصيل به طلب ڪري ورتا آهن.عدالت سڳوري حڪم نامي ۾ چيو آهي ته شير افضل مروت کي ڪنهن ڳجهي ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ جو امڪان آهي. شير افضل مروت کي عدالت جي اجازت کان سواءِ ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار نه ڪيو وڃي.