اسلام آباد (عدالتي رپورٽر): اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي معزز جج جسٽس خادم حسين سومرو هڪ اهم ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت جي روسٽرم تي چيونگم چٻاڙڻ تي عورت وڪيل جي سخت سرزنش ڪندي کيس عدالتي ادب ۽ آداب جو خيال رکڻ جي هدايت ڪئي آهي.
عدالتي ذريعن موجب ڪيس جي پيشيءَ دوران جڏهن عورت وڪيل پنهنجا دليل پيش ڪرڻ لاءِ روسٽرم تي آئي ته عدالت سندس غير سنجيده رويي ۽ چيونگم چٻاڙڻ تي سخت برهمي جو اظهار ڪيو. جسٽس سومرو رمارڪس ڏيندي چيو ته عدالت جو هڪ وقار ۽ تقدس هوندو آهي، جنهن جو احترام هر قانون جي ڄاڻوءَ تي لازم آهي.
عورت وڪيل پاران عدالت کان فوري طور بنا شرط معافي ورتي وئي، جنهن کان پوءِ عدالت کيس مستقبل ۾ پيشيوراڻي ضابطن ۽ عدالتي پروٽوڪول جي مڪمل پاسداري ڪرڻ جي هدايت ڪئي.