عشق آباد/اسلام آباد (توانائي ڊيسڪ): ترڪمانستان، افغانستان، پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ تاريخي توانائي منصوبي تاپي (TAPI) گئس پائپ لائن جي اڏاوت ۾ وڏي اڳڀرائي ٿي آهي، جتي اعليٰ عملدارن موجب هلندڙ سال جي پڄاڻيءَ تائين منصوبي جو بنيادي سيڪشن مڪمل ڪيو ويندو.
هن وڏي توانائي منصوبي ذريعي پاڪستان کي ساليانو اربين ڪيوبڪ ميٽر قدرتي گئس ملندي، جنهن سان ملڪ اندر توانائي جو بحران، گئس جي کوٽ ۽ صنعتن کي سستي توانائي جي فراهمي ممڪن ٿي سگهندي.
وفاقي پيٽروليم واري وزارت موجب تاپي منصوبي جي سيڪيورٽي ۽ روٽ بابت مڪمل حڪمت عملي طئي ڪئي وئي آهي، ۽ پاڪستان ۾ هن پائپ لائن جي گذرڻ سان روزگار جا هزارين نوان موقعا پيدا ٿيندا.