بيجنگ/اسلام آباد (اسپيس ڊيسڪ): چين جي ٽيانگونگ خلائي اسٽيشن تي پهچندڙ پاڪستان جي پهرين خلاباز ذيشان علي مشن جي پهرين ڏينهن تي زمين ڏانهن پنهنجو خصوصي وڊيو پيغام موڪلي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ هن علامه اقبال جو مشهور شعر پڙهي پوري پاڪستاني قوم ۽ نوجوانن کي سلام پيش ڪيو.
ذيشان علي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته خلائي مشن دوران هو سائنسي تحقيقات، توانائي ۽ مائيڪرو گريوٽي بابت تجربا سرانجام ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته هي ڪاميابي پاڪستان ۽ چين جي مضبوط دوستي ۽ جديد ٽيڪنالاجي واري ڀائيواريءَ جو اعليٰ ترين مثال آهي.
سپارڪو (SUPARCO) ۽ وفاقي حڪومت پاران قومي هيرو جي پهرين پيغام تي فخر جو اظهار ڪندي چيو ويو آهي ته پاڪستان هاڻي خلائي کوجنا جي نئين دور ۾ داخل ٿي چڪو آهي.