اسلام آباد جي علائقي سنگجاني ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف(پي ٽي آءِ) جي جلسي واري جڳهه تان شڪي بيگ مان هينڊ گرنيڊ ۽ بارودي مواد هٿ آيو آهي.اسلام آباد جي علائقي سنگجاني ۾ پي ٽي آءِ طرفان اڄ جلسي جو اعلان ڪيو ويو پر جلسي کان اڳ جلسي گاهه ڀرسان شڪي بيگ هٿ آيو آهي.پوليس موجب بيگ مان هينڊ گرنيڊ، ڊيٽونيٽر تار ۽ ٻيو بارودي مواد هٿ آيو، بم ڊسپوزل اسڪواڊ موقعي تي موجود آهي جاچ ڪئي پئي وڃي.ياد رهي ته پي ٽي آءِ جي جلسي واري هنڌ اسلام آباد جي ضلعي انتظاميه جي هدايت تي سڄي ضلعي ۾ سيڪيورٽي ريڊ الرٽ ڪئي وئي آهي. امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ جي لاءِ مختلف هنڌن تي ڪنٽينرز پهچايا ويا آهن.اسلام آباد ۾ ريڊ زون جي سمورن رستن کي ڪنٽينرز جي مدد سان بند ڪيو ويو آهي. ريڊ زون ۾ داخلا جي لاءِ لاڳاپيل ماڻهن کي مارگله روڊ جي رستا کان وڃڻ جي اجازت هوندي.