اسلام آباد ۾ احتجاجن کي روڪڻ لاءِ گذريل 5 سالن دوران هڪ ارب کان وڌيڪ خرچ ڪيا ويا

 اسلام آباد ۾ احتجاج کي روڪڻ لاءِ گذريل 5 سالن دوران هڪ ارب کان وڌيڪ خرچ ڪرڻ جو انڪشاف سامهون اچي ويو آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران سوالن جي وقفي دوران گهرو وزارت گذريل پنجن سالن جي دوران اسلام آباد ۾ احتجاج کي روڪڻ بابت خرچ جا تفصيل پيش ڪيا ويا. دستاويزن موجب گذريل 5 سالن ۾ ريڊ زون ۾ اعلان ڪيل احتجاج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ 1 ارب 35 ڪروڙ 58  لک روپين کان وڌيڪ خرچ ڪيا ويا. گهرو وزارت طرفان پيش ڪيل دستاويزن موجب سال 2019-20 ۾ اسلام آباد ۾ احتجاج کي روڪڻ لاءِ 15 ڪروڙ 77 لک 61  هزار روپين جو خرچ آيو. سال 2020-21 ۾ اسلام آباد ۾ احتجاج کي روڪڻ جي لاءِ 9 ڪروڙ 61 لک 35 هزار روپيه جڏهن ته سال 2021-22 ۾ انهي مد ۾ 27 ڪروڙ 79 لک 48 هزار روپيه خرچ ڪيا ويا. سال 2022-23 ۾ اسلام آباد ۾ احتجاج روڪڻ لاءِ 72 ڪروڙ 40 لک 31 هزار روپيه خرچ ٿيا جڏهن ته سال 2023-24 ۾ احتجاج کي روڪڻ لاءِ 10 ڪروڙ روپيه خرچ ڪيا ويا.