اسٽاف ليول معاهدي لاءِ آءِ ايم ايف پاڪستان کان نئون مطالبو ڪري ڇڏيو

انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان کان وياج جي شرح ۾ وڌيڪ واڌ جو مطالبو ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته موجوده شرح زميني حقيقتن موجب ناهي.
آءِ ايم ايف طرفان وچ اوڀر ۽ وچ ايشيا لاءِ علائقائي اقتصادي جائزي رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان مهانگائي تي ضابطي لاءِ وياج جي شرح ۾ وڌيڪ واڌ ڪري، موجوده وياج جي شرح زميني حقيقتن موجب ناهي.آءِ ايم ايف رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته وياج جي شرح گهٽ هجڻ سبب قرضن جي بار ۾ واڌ ٿي آهي، ورلڊ اڪنامڪ آئوٽ لڪ پاڪستان ۾ مهانگائي جي سراسري شرح 27.1 سيڪڙو رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي.رپورٽ موجب اسٽيٽ بئنڪ وياج جي شرح بلند ترين سطح 21 سيڪڙو تي ڪري ڇڏي آهي پر موجوده وياج جي شرح ناڪافي آهي.آءِ ايم ايف چيو آهي ته اپريل ۾ مهانگائي جي شرح وڌي 36.4 سيڪڙو تي پهچي چڪي آهي ۽ پاڪستان ۾ هلندڙ سال واپاري خسارو 37.4 ارب ڊالر ٿي سگهي ٿو.