اسٽيج ۽ ٽي وي جو مشهور مزاحيه اداڪار جاويد ڪوڊو لاڏاڻو ڪري ويو، وزيراعظم طرفان تعزيت جو اظهار

 اسٽيج ۽ ٽي وي جو مشهور مزاحيه اداڪار جاويد ڪوڊو لاڏاڻو ڪري ويو، وزيراعظم شهباز شريف طرفان مزاحيه اداڪار جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو ويو آهي. جاويد ڪوڊو ڊگهو وقت بيمار رهڻ کان پوءِ 63 سالن جي عمر ۾ لاهور جي جنرل اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم مرحوم جي روح کي ثواب پهچائڻ ۽ گهر ڀاتين جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي. شهباز شريف چيو ته جاويد ڪوڊو جيڪو پنهنجي ننڍي قد ۽ وڏي اداڪاري جي ڪري مشهور ٿيو سندس وفات سان ميڊيا انڊسٽري ۾ اهڙو خال پيدا ٿيو آهي جيڪو ڪڏهن به ڀرجي نٿو سگهي.وزيراعظم چيو ته مشڪل جي هن گهڙي ۾ اسان جون سموريون همدرديون مرحوم جاويد ڪوڊو جي گهر ڀاتين سان گڏ آهن. پنهنجي ننڍي قد  سبب شهرت ماڻيندڙ اداڪار جاويد ڪوڊو اسٽيج ڊرامن سميت ڪيترين ئي فلمن ۽ ڊرامن ۾ ڪم ڪيو، سندس  ذڪر جوڳن پاڪستاني ڊرامن ۾ عينڪ والا جن ۽ آشيانه شامل آهن. گذريل سال هڪ انٽرويو ۾ مزاحيه اداڪار جاويد ڪوڊو ٻڌايو ته هو ڪيترين ئي بيمارين ۾ وچڙيل آهي، هن ٻڌايو هو ته مون کي برين هيمرج ٿيو انهي سبب مان مفلوج ٿي ويس، انهي کان علاوه هن ٻڌايو ته مان دل جي بيماري ۾ به مبتلا آهيان، منهنجي پيٽ جي سرجري به ٿي هئي. جاويد ڪوڊو پنهنجي ساٿي اداڪارن جي رويي جي باري ۾ ذڪر ڪندي چيو هو ته اڄڪلهه هر ڪو مالي مسئلن جو شڪار آهي، اميد هئي ته منهنجا دوست منهنجي مدد ڪندا پر لڳي ٿو ته اهي به مهانگائي جي ڪري ڪافي مشڪل حالاتن ۾ آهن. جاويد ڪوڊو 1980ع جي ڏهاڪي ۾ پنهنجي فني سفر جي شروعات ڪئي، پنهنجي منفرد اداڪاري، مزاحيه انداز ۽ ننڍي قد جي ڪري هن جلد ئي عوام ۾ مشهوري حآصل ڪري ورتي. هن 150 کان وڌيڪ اردو پنجابي فلمن، سوين اسٽيج ڊرامن ۽ ٽي وي شوز ۾ پنهنجي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو.