اسٽيٽ بينڪ پاران وياج جي شرح 11 سيڪڙو تي برقرار

ڪراچي: اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان (ايس بي پي) مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪندي وياج جي شرح 11 سيڪڙو تي برقرار رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.اسٽيٽ بينڪ جي مانيٽري پاليسي ڪميٽي (ايم پي سي) جو اجلاس گورنر جميل احمد جي سربراهي ۾ ٿيو، جنهن ۾ معاشي صورتحال جو جائزو وٺي نئين مانيٽري پاليسي جو فيصلو ڪيو ويو.اسٽيٽ بينڪ موجب مانيٽري پاليسي ڪميٽي جي اجلاس بابت تفصيلي بيان ڪجهه دير کان پوءِ جاري ڪيو ويندو. ياد رهي ته مالي سال 2025-26ع لاءِ اسٽيٽ بينڪ شيڊول جاري ڪيو آهي، جنهن مطابق هن مالي سال دوران مجموعي طور 8 ڀيرا مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪيو ويندو.