افغانستان شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندو. ان حوالي سان سفارتي ذريعن ٻڌايو آهي ته افغانستان کي ايس سي او اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ناهي ڏني وئي، پاڪستان بطور ايس سي او چيئر افغانستان جي شرڪت ۾ رنڊڪون ناهن وڌيون، افغانستان ايس سي او جو ميمبر ناهي، هو صرف آبزرور رياست آهي ۽ مڪمل طور تي غير فعال آحي.سفارتي ذريعن چيو آهي ته افغانستان 7 جون 2012 تي ايس سي او جو آبزرور بڻيو ۽ سيپٽمبر 2021 کان غير فعال آهي، امارات اسلامي افغانستان ايس سي او افغان معاهدي جي اڪثر شقن کي مڃيو ئي نه آهي. امارات اسلامي افغانستان اڳوڻي افغان حڪومت کي پنهنجي پيشرو حڪومت نٿي مڃي.ذريعن موجب امارات السامي جي لاءِ ايس سي او افغان معاهدي کي مڃڻ تمام گهڻو ضروري آهي، ايس سي او جا 2 آبزرور ملڪ افغانستان ۽ منگوليا آهن، ايس سي او سربراهي اجلاسن ۾ ڊائيلاگ ڪندڙ پارٽنر کي به نه گهرايو ويو آهي. ايس سي او سيڪريٽريٽ صرف آبزرور ميمبر ملڪ منگوليا کي گهرايو آهي.ياد رهي ته شنگهائي تعاون تنظيم جو اجلاس 15 ۽ 16 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ شروع ٿي رهيو آهي جنهن ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جي سربراهن سميت 200 وفد شرڪت ڪندا.