اقتصادي رابطه ڪميٽي 49 دوائن جي قيمتن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اقتصادي رابطه ڪميٽي 49 دوائن جي قيمتن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطه ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ حيدرآباد، سکر موٽر وي لاءِ 9.5 ارب روپين جي رياستي گارنٽي ۽ نيو گوادر بين الاقوامي ايئرپورٽ منصوبي لاءِ 83 ڪروڙ 91 لک روپين جي گرانٽ جي منظوري ڏني وئي.ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب اجلاس ۾ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن لاءِ 12 ڪروڙ 14 لک روپيه، اطلاعات واري وزارت لاءِ 70 ڪروڙ روپين جي منظوري ڏني وئي آهي.ناڻي واري وزير ملازمن جي پينشن جا مسئلا حل ڪرڻ جي منظوري ڏني. انساني حقن واري وزارت لاءِ 11 ڪروڙ 65 لک ۽ ڄامشورو ۾ ڪوئلي سان هلندڙ بجلي جي منصوبي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ 9 ارب 14 ڪروڙ روپيه جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه ۾ اڳوڻن فاٽا جي علائقن ۾ ليويز سينٽر جي قيام لاءِ 4 ڪروڙ 70 لک. گڏيل قومن ۾ امن مشن دستن لاءِ 47 ڪروڙ ۽ سوات سانحي جي شهيدن ۽ زخمين لاءِ 4 ڪروڙ 95 لک روپيه جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.پارلياماني معاملن واري وزارت لاءِ 4 ڪروڙ 84 لک ۽ نيڪٽا هيڊ ڪوارٽر جي تعمير لاءِ 11 ڪروڙ روپيه جاري ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي.