القادر ٽرسٽ ڪيس: شيخ رشيد پنهنجو جواب نيب ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد نيشنل ڪرائيم ايجنسي 190 ملين پائونڊ بابت القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ نيب طلبي تي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو.عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جو وڪيل سردار شهباز خان نيب ۾ پيش ٿيو ۽ اڳوڻي وزير طرفان جواب نيب ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو.شيخ رشيد طرفان جمع ڪرايل جواب ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي ڪابينه ۾ القادر ٽرسٽ ڪيس جو معاملو جڏهن آيو ته مان ڪابينه اجلاس ۾ موجود نه هئس. ڪابينه ۾ القادر ٽرسٽ ڪيس اچڻ کان اڳ ڪابينه اجلاس ڇڏيو ويو هئس.شيخ رشيد پنهنجي جواب ۾ وڌيڪ چيو ته مون وٽ القادر ٽرسٽ ڪيس بابت ڪوبه ثبوت يا انفارميشن نه آهي. اهو معاملو ڪابينه ۾ اچڻ وقت ان وقت جي احتساب واري وزير شهزاد اڪبر سان لاڳاپا صحيح نه هئا. شهزاد اڪبر سان منهنجي ان ڏينهن دوران ڪابه ڳالهه ٻولهه نه هئي.ياد رهي ته القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ نيب پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي گرفتار ڪيو هو جڏهن ته ان حوالي سان جاچ جاري آهي.