ماحولياتي تبديلي بابت وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته الله جو فضل آهي، اسان سامونڊي طوفان جي تباهڪارين کان بچي ويا آهيون.شيري رحمان چيو ته اڄ منجهند جي اجلاس ۾ غور ڪيو ويندو ته متاثرن کي پنهنجن علائقن ڏانهن واپس ڪيئن آڻجي، سجاول ۾ متاثرن جي واپسي ۾ ڪجهه وقت لڳي سگهي ٿو، آبادي وڌي وئي آهي، اسان ڪٿي ڪٿي پهچون.؟وفاقي وزير جو چوڻ هو ته سمنڊ ۾ بپر جواءِ ٻين طوفانن جي ڀيٽ ۾ گهڻي وقت تائين رهيو، جڏهن ته سمنڊن ۾ گرمي پد وڌڻ به طوفانن جو هڪ سبب آهي.هن چيو ته ڪوشش آهي ته متاثرن کي جلد پنهنجن اباڻن علائقن ڏانهن واپس پهچايون، پر اُن ۾ وقت لڳندو.