پريالوءِ ڀرسان سولنگي ۽ جاگيراڻي تڪرار تيز . سولنگي ڌر جي هٿياربندن پاران ڳوٺ منٺار ٻيڙي جاگيراڻي ۽ ڳوٺ غلام محمد جاگيراڻي مٿان ڇتي فائرنگ . راڪيٽ لانچر پڻ استعمال . ڌرين ۾ فائرنگ جاري . پوليس بيوس بڻيل . علائقي ۾ خوف حراس . تفصيل موجب پريالوءِ ڀرسان ڪوٽ پل واري علائقي ۾ جاگيراڻي ۽ سولنگي برادري ۾ هلندڙ خوني ويڙهه بند نه ٿي سگهيو . ڄاڻايل ڌرين جي هٿياربندن هڪ ٻئي جي ڳوٺن مٿان ڇتي فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن ڪري علائقي ۾ خوف پکڙيل آهي هوڏانهن جاگيراڻي ڌر جنسار جاگيراڻي ۽ ٻين سولنگي ڌر مٿان الزام هڻندي چيوته سولنگي برادري جي هٿياربندن اسان جي مٿي ڄاڻايل جاگيراڻي برادري جي ٻن ڳوٺن مٿان حملو ڪري ڇتي فائرنگ ڪندي راڪيٽ لانچر پڻ فائر ڪيا آهن ٻئي طرف سولنگي ڌر جي اڳواڻن اسلم سولنگي سميت ٻين الزام هڻندي چيوته جاگيراڻي ڌر جي هٿياربندن اسان جي ڳوٺ باغ واهه مٿان حملو ڪري گهرن تي ڇتي فائرنگ شروع ڪئي آهي هوڏانهن ڄاڻايل ڌرين ۾ هلندڙ ڇتي فائرنگ باوجود ضلعي خيرپور پوليس بيوس بڻيل آهي ياد رهي ته ڄاڻايل ڌرين ۾ هلندڙ جهيڙي ڪري ٻنهي ڌرين جا 7 ڄڻا قتل جڏهن ته 12 کان وڌيڪ زخمي ٿيل آهن