امن تباهه ڪندڙن لاءِ لڪڻ جي ڪا جاءِ ناهي: وزيراعظم جو فوجي جوانن سان خطاب

وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير عيد جو ڏينهن فوجي جوانن سان گڏ گذاريو.وزيراعظم شهباز شريف، ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار، بچاءَ وارو وزير خواجا آصف ۽ سڌ سماءَ بابت وزير مريم اورنگزيب خميس جي صبح پاڪستان ۽ افغانستان جي سرحدي علائقي پارا چنار پهتا.وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب وزيراعظم ۽ آرمي چيف عيد جي نماز فوجي آفيسرن ۽ جوانن سان گڏ ادا ڪئي ۽ کين عيد جون مبارڪون ڏنيون.وزيراعظم فوج جي اعليٰ جذبي، عسڪري تياري ۽ اعليٰ پيشيوراڻي معيار جي تعريف ڪئي.جوانن ۽ آفيسرن سان ملاقات ۾ وزيراعظم چيو ته مان اڄ آرمي چيف سان گڏجي عيد جو ڏينهن توهان سان ملهائي رهيو آهيان ته جيئن آفيسرن ۽ جوانن جي جذبي کي ڀيٽا پيش ڪري سگهان.هن چيو ته پاڪ فوج جا جوان پنهنجو آرام ۽ سڪون ڇڏي وطن جي بچاءَ جو عظيم فرض انجام ڏيندا آهن، سختيون برداشت ڪندا آهن ۽ مصيبتن ۾ سرحدن جو پهرو ڏيندا آهن، جنهن تي قوم سڀني کي سلام پيش ڪري ٿي.سندس چوڻ هو ته امن تباهه ڪندڙن، دهشتگردي ڪندڙن، انهن جي سرپرستن ۽ سهولتڪارن لاءِ لڪڻ جي ڪا جاءِ ناهي، ناپاڪ ارادا رکندڙ قوتن کي شڪست ٿي، شهيد پاڪستان ۽ قوم جو سرمايو آهن، انهن جي عزت اسان لاءِ هر شئي کان مٿانهين آهي.وزيراعظم شهيدن جي يادگارن تي گل رکيا ۽ فاتحه خواني ڪئي، ان کان اڳ پارا چنار پهچڻ تي آرمي چيف وزيراعظم جي آجيان ڪئي.