سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس جمال مندوخيل چيو آهي ته اسان آئين ۾ لکيل سموري قوم جي حقن جي تحفظ جو حلف کنيو آهي، انصاف ڪرڻ ته الله جو ڪم آهي، اسان ته صرف فيصلو ڪندا آهيون. اسلام آباد ۾ پورهيتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان ڪوٺايل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس جمال خان مندوخيل چيو ته اوهان ٻڌو هوندو ته ججز ڳالهائيندا نه لکندا آهن، سوچيو هو لکيل تقرير پڙهي وٺندس پر هاڻ دل ۽ آئين جي ڳالهه ڪندس. هن چيو ته آئين موجب سمورن انسانن جا حق برابر آهن، آئين موجب ڪنهن کان به اوهان زبردستي ڪم نٿا وٺي سگهو، اسان قوم جي حقن جي تحفظ لاءِ حلف ورتو آهي. جسٽس مندوخيل چيو ته سوال اهو آهي ته ڇا اسان پنهنجي ڪم سان انصاف ڪري رهيا آهيون؟ ڇا مان بحيثيت جج پنهنجو ڪم صحيح طريقي سان ڪري رهيو آهيان؟ صرف اوهان کي مزدور ۽ مون کي جج جو نالو ڏنو ويو آهي. منهنجو ڪوبه ڪمال ناهي ته مان انهي عهدي تي ويٺل آهيان. هن چيو ته جنهن صوبي سان منهنجو تعلق آهي اتي ڪوئلي جي کاڻ جو ڪم ٿيندو آهي جيڪو مزدور ڪندا آهن. مزدور کاڻ جي اندر ويندا آهن، انهن مزدورن جي حوالي سان قانون حڪومت کي ٺاهڻ گهرجن، آئين ۾ لکيل حق سڀني کي ملڻ گهرجي. ڪوبه مزدور ڪنهن جو غلام نه هوندو آهي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته آئين ۾ لکيل پوري قوم جي حقن جو تحفظ اسان ورتو آهي. اسان کي جيڪو به فيصلو ڪرڻو آهي اهو ڪنهن جي به خوف ۽ لالچ ۾ اچڻ کان سواءِ ڪرڻو آهي. پنهنجي ۽ ساٿي ججز طرفان يقين ڏياريان ٿو ته اسان انصاف ۽ حقن جو تحفظ ڪنداسين، آئين ۾ جيڪو به مسئلو آهي انهي تي گڏ ويهنداسين. هن چيو ته مان سمجهان ٿو ته اسان ججز انصاف نٿا ڪريون، انصاف ته الله جو ڪم آهي، اسان ته بس فيصلو ڪندا آهيون، اسان پنهنجي سامهون موجود دستاويز کي ڏسي فيصلو ڪندا آهيون، مون کي خوف آهي ته جيڪو منهنجو حلف آهي ڪٿي مان انهي جي ڀڃڪڙي ته نه ڪري رهيو آهيان. جسٽس مندوخيل چيو ته ڪا ڌر چوندي ته منهنجو حق آهي پر مان ته اهوئي فيصلو ڪندس جيڪو منهنجي سامهون دستاويز آهي، الله مون کي ۽ منهنجي ساٿين کي حلف جي پابندي ڪرڻ جي توفيق ڏئي. ڪانفرنس سان چيئرمين اين آءِ آر سي شوڪت عزيز صديقي خطاب ڪندي چيو ته پورهيتن جي حقن جي تحفظ لاءِ پرعزم آهيون، اين آءِ آر سي جو بنيادي مقصد ملڪ ۾ صنعت جو ڦيٿو روان رکڻ آهي، صنعت هلندي رهندي ته مزدورن جو چلهو ٻرندو رهندو. هن چيو ته ڊسمبر 2024 تي مون کي چيئرمين اين آءِ آر سي جي ذميواري ڏني وئي، جڏهن انهي ذميواري جي تحت قانون پڙهيو ته خبر پئي ته اسان جو ڪم مزدور، مالڪ کي گڏ ڪرڻ آهي. اسان ڪانفرنس منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جتي ورڪرز، مالڪ گڏ ويهي ڳالهيون ڪندا، اسان ڪامياب ٿياسين ته اڄ ورڪر ۽ مالڪ هڪ ميز تي هوندا.