حڪومت پنجاب صوبي ۾ لاڳو قلم 144 ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي ۽ پنجاب ۾ قلم 144 اڻڄاتل مدي تائين لاڳو هوندو.سڄي پنجاب ۾ انٽرنيٽ سروس جي معطلي به برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، انٽرنيٽ سروس جي بحالي جو فيصلو حالتن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ڪيو ويندو.ياد رهي ته گهرو کاتي 9 مئي تي پنجاب صوبي ۾ ٻن ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو هو.