انٽر بئنڪ ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ اڄ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب اڄ انٽر بئنڪ ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر جو اگهه 86 پئسا وڌڻ کانپوءِ 277 رپيا 90 پئسا رهيو.
جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر ٻه رپيا مهانگو ٿي ويو ۽ ان جو قدر 282 رپيا آهي.