انٽر بئنڪ ۾ ڊالر سستو ۽ اوپن مارڪيٽ ۾ مهانگو ٿي ويو

ملڪ ۾ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ اڄ مليل جليل رجحان رهيو.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر جو قدر 2 پئسا گهٽجڻ کانپوءِ ڪاروبار جي پڄاڻي تي 287.13 رپيا رهيو.هوڏانهن اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر هڪ رپيو مهانگو ٿي ويو، اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو اگهه 309 رپيا ٿي ويو آهي.