اهڙو مڙس گهرجي جيڪو منهنجا پير دٻائي ۽ پنهنجي هٿن سان ماني کارائي: اداڪاره سحر هاشمي

پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي نوجوان اداڪاره سحر هاشمي پنهنجي ٿيندڙ مڙس ۾ ملندڙ خوبين جي حوالي سان ٻڌائي ڇڏيو آهي. تازو ئي هڪ يو ٽيوب چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ سحر هاشمي مختلف موضوعن تي ڳالهيون ڪيون ان سان گڏ ئي پنهنجي ٿيندڙ مڙس ۾ خوبين جي باري ۾ ڳالهيون ڪيون ۽ ٻڌايو ته هو پنهنجي مڙس ۾ ڪهڙيون خوبيون چاهي ٿي. ميزبان طرفان اداڪاره کان مڙس ۾ 4 خوبين جي حوالي سان پڇيو ويو جنهن جي جواب ۾ اداڪاره کلندي چيو ته مان هڪ اهڙو مڙس چاهيان ٿي جيڪو مون کي پنهنجن هٿن سان ماني کارائي ۽ منهنجا پير به دٻائي. هن پنهنجي ڳالهين کي جاري رکندي وڌيڪ چيو ته ٿيندڙ مڙس کي چانهه به ٺاهڻ ايندي هجي، مان هڪ جذباتي ڇوڪري آهيان ته مون کي اهڙو شخص گهرجي جيڪو ايترو ئي پرسڪون رهي. شادي بابت سوال جو جواب ڏيندي اداڪاره وڌيڪ چيو ته هر شيءَ جو هڪ صحيح وقت هوندو آهي جڏهن ڪو سٺو انسان مليو ته شادي ڪري وٺندس.