اوٻاوڙو رانونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ مغوين جو ڌاڙيلن تي حملو، هڪ ڌاڙيل ۽ 2 مغوي مارجي ويا. رپورٽ موجب پنجاب جي ڪچي واري علائقي ۾ مغوين ڌاڙيلن تي حملو ڪري ڏنو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڌاڙيل ۽ 2 مغوي مارجي ويا ۽ هڪ مغوي زخمي ٿي پيو.ان حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته يرغمال بڻيل مغوين مٿان پهري تي ويٺل ڌاڙيل نوٿو شر کي ننڊ اچي وئي جنهن کان پوءِ مغوين سندس رائيفل کڻي کيس گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. مارجي ويل ڌاڙيل جي ساٿين جي فائرنگ ۾ 2 مغوي به مارجي ويا جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو.پوليس اختيارين موجب واقعو ماچڪو ٿاڻي جي حد ۾ پيش آيو آهي. مارجي ويل مغوين جا لاش هٿ ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن. جڏهن ته ڌاڙيلن هٿان مارجي ويل مغوين جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آهي. ڌاڙيلن وٽ 6 مغوي يرغمال بڻيل هئا جن مان 2 ڄڻا مارجي ويا آهن جڏهن ته هڪ زخمي پيو آهي.