اوٻاوڙو ۾ زهريلو شراب پيئڻ سبب 4 ڄڻا فوت

اوٻاوڙو ۾ ڪچو زهريلو شراب پيئڻ سبب 4 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.جڏهن ته متاثرن جي وارثن پوليس تي الزام هڻندي چيو آهي ته پوليس جي سرپرستي ۾ منشيات جو ڪاروبار عروج تي هلي رهيو آهي، جنهن سبب اسان جا نوجوان فوت ٿي ويا آهن.وارثن موجب پوليس وڏن پئسن عيوض منشيات فروشن کي کلي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي، شهر جي چوڌاري منشيات فروشن وڏا اڏا قائم ڪري ڇڏيا آهن. جنهن سبب نوجوان نسل تيزي سان تباهه ٿي رهيو آهي.هوڏانهن فوت ٿي ويلن ۾ قيصر ماڇي، راجا ماڇي، سهيل ڪوري ۽ تنوير دايو شامل آهن.اهڙي واقعي کان پوءِ فوتين جي گهر ۾ قهرام متل آهي. جڏهن ته اهڙي واقعي جو هن وقت تائين پوليس جي ڪنهن به اعليٰ عملدار نوٽيس ناهي ورتو.