اوٻاوڙو، سنڌ: اوٻاوڙو ڀرسان بدامني وڌندي رهي آهي، جتي ڦرون، چوريون ۽ ڌاڙا روزاني جو معمول بڻجي چڪا آهن. مقامي ڳوٺاڻا ڌاڙيلن جي آزار سبب سڄي رات جاڳي گذارڻ تي مجبور آهن. اوٻاوڙو ڀرسان کنڀڙا ٿاڻي جي حد ڪراس بند وٽ، ڌاڙيلن مسافرن کان ڦر لٽ ڪئي ۽ ڦرلٽ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪرڻ تي مقامي ڳوٺاڻو منظور احمد مزاري کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب، ڌاڙيلن نوجوان تي ڦر دوران مزاحمت تي گوليون هڻي قتل ڪيو ۽ فائرنگ ڪندي درياءَ طرف فرار ٿي ويا. پوليس واقعو واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي ۽ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. محڪمه پوليس ڳوٺاڻن کي اپيل ڪئي آهي ته سفر دوران خبردار رهن ۽ ڪنهن به مشڪوڪ حرڪت جي صورت ۾ فوراً اطلاع ڪن.