ملڪ ۾ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ اڄ مليل جليل رجحان رهيو، انٽر بئنڪ ۾ ڊالر معمولي سستو ٿيو، جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ 5 رپيا مهانگو ٿيو آهي.اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 7 پئسا سستو ٿيڻ کانپوءِ 286 رپين 81 پئسن جو ٿي ويو آهي.
انٽر بئنڪ ۾ گذريل ڏينهن دالر 286 رپين 88 پئسن تي بند ٿيو هو، جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 5 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 305 رپين جو ٿي ويو آهي.