اڏيرو لال اسٽيشن ٿاڻي جي حد سوڪ سينٽر م هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو آهي، جتي ڇت تي ستل ڏير ۽ ڀاڄائي کي اڻڄاتل ماڻهن تيز اوزار سان ڪُهي قتل ڪري ڇڏيو. فوت ٿيلن جي سڃاڻپ نورين بي بي ۽ مجاهد علي سيال جي نالي سان ٿي آهي. اطلاع ملڻ جي باوجود، اوڏيرولال پوليس اسٽيشن جي پوليس اڃا تائين واقعي واري هنڌ نه پهچي سگهي آهي، جنهن سبب قتل ٿي ويلن جا لاش اڃا تائين ڇت تي پيل آهن. واقعي کان پوءِ علائقي جا رهواسي وڏي انگ ۾ واقعي واري هنڌ پهچي ويا آهن. وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، پر ڪجهه وقت اڳ سندن گهر ۾ چوري ٿي هئي، جنهن کي اسان پوليس کان گرفتار ڪرايو هو. اسان کي انهن چورن تي شڪ آهي. پوليس کي وڌيڪ جاچ ڪرڻ گهرجي. ٻئي طرف، گذريل رات اوڏيرولال اسٽيشن پوليس اسٽيشن جي ايس ايڇ او جي بدلي سبب، نئون مقرر ٿيل آفيسر نثار برهماڻي اڃا تائين چارج سنڀالڻ لاءِ نه پهتو آهي، جڏهن ته پوليس اسٽيشن جو هيڊ محرم پڻ موڪل تي پنهنجي پاڙيسري ڳوٺ سعيد آباد هليو ويو آهي. پوليس اجتماعي زيادتي جي واقعي ۾ روايتي سستي ڏيکاري آهي. پوليس جي ڪارڪردگي ۽ رويو سواليا نشان بڻيل آهي.